SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


New Cold War

(click word to listen sound
  • 🔊
  • njuː
  • kould
  • ər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

New Cold War

نيوڪولڊ وار

نئين سرد جنگ

ويهين صديءَ ۾ دنيا جي ٻن روايتي حريف طاقتن سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ 1978ع کان شروع ٿيل نئين تڪراري صورتحال ۽ 1991ع ۾ سوويت يونين جي زوال واري دور کي نئين سرد جنگ جي اصطلاح سان بيان ڪيو وڃي ٿو. هن عرصي دوران هڪ طرف سوويت يونين افغانستان ۾ فوجي مداخلت ڪئي ته ٻئي طرف ڪيوبائي فوجن کي ايٿيو پيا ۾ جمع ڪيو، هند چينيءَ ۾ويٽنام جي حمايت ڪري آمريڪا کي شڪست ڏياري ۽ ايران مان آمريڪا جي حمايتي حڪومت جا ٿڏا پٽرايا. هوڏانهن سوويت يونين مطابق ان دور ۾ اوڀر يورپ جي معاملن ۾ وڌندڙ آمريڪي مداخلت، وچ اوڀر ۾ سوويت مفادن سان سندس طرفان ٿيندڙ هٿچراند ۾ ڪارٽر حڪومت طرفان سندس نمائندي برز نسڪيءَ طرفان اختيار ڪيل جنگجو ذهنيت جي ڪري، ٻنهي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. ان جي نتيجي ۾ امن لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ کي ٻنجو آيو، آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ هٿيار گهٽائڻ واري معاهدي (SALT-II) تي ٿيندڙ سهمتي رڪجي وئي، ٻنهي ڌرين دنيا ۾ پنهنجن اتحادين کي سرگرم ڪندي هڪٻئي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دنيا ۾ موجود فوجي اڏن کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ لاءِ تحرڪ ورتو. انهيءَ ڇڪتاڻ سبب دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر جنگي ماحول جي ور چڙهي وئي. آمريڪا هڪ طرف خلائي لڙايون (Star Wars) نالي فوجي پروگرام شروع ڪيا ته ٻئي طرف ”روڪ“ (Containment) جي بهاني هيٺ افغانستان ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ سوويت مخالف جنگي مهمون شروع ڪرايون، جنهن ڪري ٻنهي مها طاقتن وچ ۾ امن (Detente) جو عمل رڪجي ويو ۽ هڪٻئي کي هيڻو ڏيکارڻ لاءِ سياسي جنگي چالبازيءَ جي مهم ۾ تيزي اچي وئي.


Remember Me Also:

انگئي

اسم خاص. تعلقي جوهيءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal